اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اعليٰ عدليه ۾ ججز جي مقرري بابت جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينئر ججن کي اڪثريت راءِ سان ٻين صوبن جي هاءِ ڪورٽن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
هن فيصلي تحت جسٽس محسن اختر ڪياني کي لاهور هاءِ ڪورٽ سينيارٽي ۾ 12 هون نمبر)، جسٽس بابر ستار کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ سينيارٽي ۾ 6 هون نمبر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سينيارٽي ۾ 16 هون نمبر ڏانهن بدلي ڪيو ويو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بدلي جي هن عمل جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منيب اختر ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن بئريسٽر گوهر ۽ سينيٽر علي ظفر مخالفت ڪئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ٻن ٻين ججن، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس خادم سومرو جي تبادلي جي سفارش واپس وٺي ڇڏي. منظوري کانپوءِ جسٽس ثمن رفعت ۽ جسٽس محسن ڪياني پنهنجو سامان کڻي چيمبرز مان گهر روانا ٿي ويا آهن.


