گهوٽڪي (رپورٽر) پاڪ-ڀارت جنگ دوران ڀارتي ڊرون حملي ۾ شهيد ٿيل مختيار احمد لغاري جي پهرين ورسي ڳوٺ ڪريم بخش لغاري ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
ضلعي انتظاميا پاران منعقد ڪيل پروقار تقريب ۾ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو، چيئرمين ضلع ڪائونسل بنگل خان مهر، ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد ڪنراڻي، ڪرنل ذيشان حيدر ڪاظمي ۽ ايس ايس پي محمد انور کيتران سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

تقريب جي شروعات ۾ شهيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي وئي.
تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته شهيد مختيار لغاري جهڙن بهادرن جي ڪري ئي ملڪ جون سرحدون محفوظ آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري سبب اڄ ڀارت عالمي سطح تي اڪيلو ٿي چڪو آهي.

چيئرمين ضلع ڪائونسل بنگل خان مهر چيو ته شهيدن جو رت ڪڏهن به رائيگان نه ويندو، اسين شهيد جي وارثن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين.
ان موقعي تي ڪرنل ذيشان حيدر ڪاظمي شهيد کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد هميشه زنده رهندا آهن.
تقريب جي پڄاڻي تي شهيد جي ٻارڙن ۾ تحفا ورهايا ويا، جڏهن ته علائقي جي معززن ۽ شهرين شهيد جي عظيم قرباني کي ساراهيو.



