ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ويجهو مال پڙي ڀرسان هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعي ۾ عورت پنهنجي ٻن معصوم ٻارڙن سميت ڦليلي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.
اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته عورت پنهنجي ٻن ٻارن سان گڏ واهه ڪناري پهتي ۽ اوچتو انهن سميت ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر پکڙجي وئي.
اطلاع ملڻ باوجود ريسڪيو ادارا دير سان پهتا، جنهن تي مقامي شهرين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انتظاميا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
اطلاعن موجب، ڦليلي ڪئنال مان عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن کي پوليس ٽنڊو محمد خان اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻن ٻارڙن جو اڃا تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي.
ريسڪيو ٽيمون ٻارڙن جي ڳولا ۾ مصروف آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي ته اها عورت اهڙي قدم کڻڻ تي ڇو مجبور ٿي.

ٽنڊو محمد خان ۾ عورت ٻن معصوم ٻارڙن سميت ڦليلي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

