ٽنڊو محمد خان ۾ معرڪه حق کي سال پورو ٿيڻ تي پوليس پاران ريلي ۽ سلامي

1 Min Read

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ معرڪه حق جي شاندار ڪاميابي کي حق هڪ سال پورو ٿيڻ جي خوشي ۾ ٽنڊو محمد خان پوليس طرفان شهيدن کي سلامي ڏني وئي، پيادل مارچ ۽ ريلي ڪڍي وئي.


ٽنڊو محمد خان ضلعي پوليس پاران معرڪه حق جي شاندار ڪاميابي کي هڪ سال پورو ٿيڻ جي خوشي ۾ پوليس اهلڪارن طرفان ڊسٽرڪٽ پوليس هيڊڪوارٽر ۾ پاڪستاني قومي جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي وئي ۽ پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ريلي ڪڍي وئي .
ريلي ۾ پوليس جي جوانن ۽ ليڊيز پوليس اهلڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا.


ريلي ۾ ڊي ايس پي شڪيل احمد سولنگي، ايس ايڇ او زاهد اقبال چانڊيو، ايس ايڇ او منظور شورو، ايس ايڇ او ظهور نوناري، ايس ايڇ او روزينا ملاح ۽ ٻين چيو ته پاڪ فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسين پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ آهيون.

Share This Article
Leave a Comment