معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل، صدر آصف علي زرداري جو پيغام

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري معرڪو حق” کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن سبب پاڪستان خطي ۾ توازن ۽ استحڪام جي علامت بڻجي سامهون آيو آهي.

 ايوانِ صدر طرفان جاري بيان ۾ صدر قوم ۽ هٿياربند فوجن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت، حڪمت عملي ۽ جرئتمند فيصلن “معرڪو حق” جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔

هن پاڪ فضائيه جي سربراهه  ظهير احمد بابر سڌو ۽ فضائي شاهينن جي غيرمعمولي مهارتن کي ساراهيو، جڏهن ته پاڪ بحريه جي سربراهه نويد اشرف ۽ بحري فوجن جي مڪمل آپريشنل تياري کي قومي سلامتي لاءِ قابلِ فخر قرار ڏنو.

 صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ امن پسند رياست آهي، جنهن دشمن جي جارحيت جو ڀرپور پر متوازن جواب ڏئي دنيا کي پنهنجي دفاعي صلاحيتن جو پيغام ڏنو آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته والارلي ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

 صدر زرداري ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪوشش کي “آبي دهشتگردي” قرار ڏيندي چيو ته پاڻي ڪروڙين پاڪستانين جي زندگي جو مسئلو آهي.

هن افغانستان تي زور ڏنو ته پنهنجي سرزمين پاڪستان ۽ خطي جي ٻين ملڪن خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي، جڏهن ته ٻاهرين سهڪار سان هلندڙ دهشتگردي جو خاتمو خطي جي امن لاءِ ضروري آهي.

 صدر وڌيڪ چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي.

 آخر ۾ هن عزم ورجايو ته پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوجون هر چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ وطن جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن۔

Share This Article
Leave a Comment