اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حق مھر ۾ ملڪيت جي منتقلي بابت هڪ اهم قانوني اصول طئي ڪندي چيو آهي ته مڙس گڏيل ملڪيت ۾ رڳو پنهنجي حصي جي حد تائين حق مھر ڏيڻ جو پابند آهي.
جسٽس شڪيل احمد پاران جاري ڪيل لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به خانداني حصيدار پنهنجي حصي کان وڌيڪ ملڪيت منتقل نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري سڄو گهر حق مھر ۾ ڏيڻ جي دعويٰ ٻين قانوني وارثن جي حقن تي اثر انداز نٿي ٿي سگهي.
عدالت نڪاح رجسٽرار کي هدايت ڪئي آهي ته هو حق مھر ۾ درج ملڪيت جي تصديق ڪري ۽ نڪاح نامي ۾ ملڪيت بابت هڪ ڌار ڪالم شامل ڪيو وڃي ته جيئن قانوني مونجهارن کان بچي سگهجي.
عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ فيصلي جي ڪاپي سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

سپريم ڪورٽ حق مھر ۾ ڏنل ملڪيت جي منتقلي بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

