ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ نصرالله بجاراڻي وٽ نصير واهه تي تعميراتي ڪم دوران افسوسناڪ حادثو پيش آيو آهي، جتي پراڻي پُل کي ڊاهڻ دوران ان جو هڪ وڏو حصو اوچتو اتي ڪم ڪندڙ پورهيتن مٿان ڪري پيو.
پُل جي ملبي هيٺان دٻجي وڃڻ جي نتيجي ۾ 4 مزدور ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.
واقعي کان پوءِ مقامي ماڻهن ۽ امدادي ٽيمن پنهنجي مدد پاڻ تحت ملبو هٽائي فوت ٿيلن جا لاش ٻاهر ڪڍيا.
اکين شاهدن جو چوڻ آهي ته حادثو انتظاميا جي نااهلي ۽ حفاظتي انتظامن جي سخت کوٽ سبب پيش آيو.
فوتين مان ٻن جي سڃاڻپ امام بخش نندواڻي ۽ ابوبڪر نندواڻي جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻن جو تعلق جعفري برادري سان ٻڌايو پيو وڃي، جن مان چوٿين مزدور جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

ڪرمپور ڀرسان پُل جو حصو ڪرڻ سبب 4 مزدور فوت
Leave a Comment Leave a Comment

