ڪراچي(رپورٽ: جاني سومرو) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل (ف ليگ) جي اڳواڻ پير صدرالدين شاهه راشدي چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ سبب عوام تمام گهڻي تڪليف مان گذري رهيو آهي، عوام کي تڪليفن مان ڪڍڻ لاءِ اهڙو پلان ٺاهڻو پوندو، جيئن 10 سالن تائين عوام جون تڪليفون ختم ٿي وڃن.
ڪراچي ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صدر الدين شاهه راشدي چيو ته مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، عوام ٻن ويلن جي ماني سبب پريشان آهي، فارم 4 ذريعي چونڊجي آيل حڪمرانن عوام کي ليمي وانگر نچوڙي رهيو آهي، هنن بدبودارن لاشن کي اڇلائي ڦِٽو ڪرڻو پوندو.
هن سوال جي جواب ۾ صدر الدين شاهه راشدي چيو ته هڪ تاثر هوندو آهي ته فنڪشنل ليگ جي ايڇ ڪيو وارن جي چوڻ تي هلندي آهي، ڇو جو سندن والد صاحب وڏي واڪي چوندو هو ته هو جي ايڇ ڪيو وارن جا ماڻهو آهن پر سوال آهي ته جي ايڇ ڪيو جو ڪير نه آهي؟
فنڪشنل ليگ اڳواڻ چيو ته هو ڪنهن جي اشاري تي سرگرم ناهن ٿيا، ملڪ جي صورتحال ۽ عوام جي حالتن کي نظر ۾ رکندي هو تبديلي چاهين ٿا.
هن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته منشيات فروش پنڪيءَ جي وارثن کي فوري طور تي ظاهر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو انتهائي حساس آهي.
ان موقعي تي ف ليگ جي اڳواڻ معظم علي عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندس چيو ته گذريل 18 سالن کان سنڌ ۾ جيڪو نظام هلي رهيو آهي، ان جي تباهي ۽ حقيقت کان سڀ ڀلي ڀت واقف آهن.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي هاڻي موجوده حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ متبادل قيادت جي ضرورت آهي جيڪا صوبي کي بحرانن مان ڪڍي سگهي.


