ايران ۽ آمريڪا جي جنگ روڪڻ ضروري آهي: چيني صدر

2 Min Read

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين جي صدر شي جن پنگ بيجنگ ۾ روسي صدر ولاد مير پيوٽن سان ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ توانائي، دفاع، هٿيارن جي معاهدن ۽ اهم عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيڻ جون اميدون ظاهر ڪيون ويون.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب اهي ڳالهيون اهڙي وقت ٿي رهيون آهن جڏهن يوڪرين، ايران ۽ وچ اوڀر جي صورتحال عالمي سياست تي گهرا اثر ڇڏي رهي آهي.

 ملاقات دوران شي جن پنگ ايران بابت وڌندڙ ڇڪتاڻ تي زور ڏيندي چيو ته فوري ۽ جامع جنگبندي وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇو ته ٻيهر جنگ يا فوجي ڪارروائي وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ انتهائي ضروري آهي.

چيني صدر علائقي ۾ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ سفارتي حل کي ترجيح ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻئي پاسي ولاديمير پيوٽن ۽ چيني قيادت وچ ۾ توانائي سهڪار، هٿيارن جي معاهدن ۽ اقتصادي ڀائيواري تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

تجزيه نگارن موجب ايران ۽ يوڪرين جي جنگين سبب روس ۽ چين جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ ٻئي ملڪ عالمي سطح تي آمريڪي اثر رسوخ جي مقابلي لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهن.

 جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته بيجنگ ۾ ٿيل هي ملاقات عالمي سياست، توانائي مارڪيٽن ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي اهم اثر وجهي سگهي ٿي۔

Share This Article
Leave a Comment