وزيراعظم شهباز شريف 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سان گڏ چين جي 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي وزارت موجب، پاڪ-چين سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيندڙ هي دورو ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.
دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون ڪندو، جنهن ۾ سيپيڪ (CPEC)، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار جو جائزو ورتو ويندو.
ترجمان موجب، ملاقاتن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال ۽ يو ايس-ايران تڪرار تي به خيالن جي ڏي‌وٺ ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment