پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب ۾ مڪاني نظام نه آهي، اتي ورهاڱي جي ڳالهه ڇو نٿي ڪئي وڃي، سنڌ خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ تعمير ٿيندڙ شاهراهه ڀٽو منصوبي جو افتتاح ڪيو، هن پاڻ گاڏي ڊرائيور ڪئي، ٽول ٽيڪس به ادا ڪيو.
ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شاهراهه ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو، هو سياست ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي خوابن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آهي۔
هن سياسي مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو ”تاحيات وزير“ رهيا آهن انهن ڪو خاص ڪم نه ڪيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي نه صرف ڪم ڪرڻ ڄاڻي ٿي پر ضرورت پوڻ تي مقابلو ڪرڻ به ڄاڻي ٿي۔
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به شهر کي الڳ ڪرڻ جي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، ۽ ڪراچي جا مسئلا ڪنهن ٻئي شهر ۾ ويهي حل نٿا ٿي سگهن۔ بلاول ڀٽو خبردار ڪيو ته سندس صوبي خلاف ڪنهن به سازش کي ناڪام بڻايو ويندو۔
افتتاحي تقريب ۾ سيد مراد علي شاهه، صوبائي ڪابينا جا ميمبر، مرتضيٰ وهاب سميت پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
شاهراهه ڀٽو (قيوم آباد کان ڪاٺور تائين 39 ڪلوميٽر ڊگهي شاهراهه) پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 55 ارب رپين جي لاڳت سان 4 سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪئي وئي۔


