آءِ ايس پي آر پاران نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جو انعقاد: ڀارت جو فڪري ۽ نظرياتي تجزيو

1 Min Read

راولپنڊي (م ڊ) آءِ ايس پي آر جي اهتمام هيٺ خصوصي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ اسٽريٽجڪ ليڊرشپ 2026 ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي 200 کان وڌيڪ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز، رجسٽرارز ۽ سينيئر پروفيسرن شرکت ڪئي.
ورڪشاپ دوران ليفٽيننٽ جنرل (ر) عامر رياض شرڪت ڪندڙن سان خصوصي نشست ڪندي هندوتوا کان متاثر ڀارتي سياست ۽ ان جي تذويراتي لاڙن جو فڪري تجزيو ڪيو.
هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن، خاص طور تي مسلمانن تي ظلم معمول بڻجي چڪو آهي ۽ اتي سرڪاري سرپرستي ۾ زيادتيون ڪيون وڃن ٿيون.
ورڪشاپ جي شريڪ ٿيلن مسلمانن خلاف ڀارتي ارادن کي عالمي ورڪشاپ لاءِ ناقابلِ قبول قرار ڏنو.

Share This Article
Leave a Comment