تهران (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پاران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.
ان سلسلي ۾ پاڪستان جي چيف آف ڊيفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي هن وقت ايران جي دوري تي آهن.
ايراني اختيارين موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي ۾ امن امان، استحڪام ۽ اولهه ايشيا جي سيڪيورٽي صورتحال سميت تڪرار کي سفارتي طريقن سان حل ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻئي طرف، گهرو وزير محسن نقوي پڻ ايراني قيادت سان ملاقاتون ڪري آمريڪا سان جاري تڪرار کي گهٽائڻ واري سفارتي عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
Leave a Comment Leave a Comment

