زال رُسي وڃڻ جو صدمو؟ ڪراچي ۾ چئن ٻارن جي پيءُ جو مبينا آپگهات

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ هڪ گهر مان هڪ شخص جو ڦاهو  لڳل لاش هٿ آيو آهي. پوليس موجب فوتيءَ جي سڃاڻپ عبدالرحمان جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو چار ٻارن جو پيءُ هو.

پوليس ۽ وارثن جي ابتدائي معلومات موجب، عبدالرحمان جي گهرواري تقريبن 4 مهينا اڳ ڪاوڙجي پنهنجي پيڪن هلي وئي هئي. فوتيءَ جي ڀاءُ پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته عبدالرحمان هڪ هفتو اڳ پنهنجي زال کي پرچائڻ لاءِ ساهرن ويو هو، پر هوءَ واپس اچڻ لاءِ تيار نه ٿي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته عبدالرحمان بظاهر پنهنجي زال جي وڏي عرصي کان ڪاوڙ ۽ گهر واپس نه اچڻ جي ڪري سخت ذهني دٻاءُ ۽ دلبرداشتگي جو شڪار هو، جنهن جي ڪري ابتدائي معلومات موجب هن اهو انتهائي قدم کنيو.

پوليس ضابطي جي ڪارروائي لاءِ لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس انتظاميا جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جائزو ورتو پيو وڃي ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment