گمبٽ ڀرسان گڏهه تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) ميرواهه ٿاڻي جي حد ۾ بي زبان جانور تي تشدد ڪندڙ جوابدار صابر علي دستي کي پوليس گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس موجب جوابدار پاران گڏهه تي تشدد ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن بعد ايس ايس پي خيرپور معاملي جو نوٽيس وٺندي فوري ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو.
حڪمن جي روشني ۾ ميرواهه پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار صابر علي دستي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ مٿس لاڳاپيل قانونن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جانورن سان بي رحماڻو سلوڪ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment