ييلو لائين بي آر ٽي منصوبو: قومي خزاني کي هڪ ارب 25 ڪروڙ رپيا نقصان

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي موبيلٽي پروجيڪٽ جي ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي ۾ اربين رپين جي مالي گهوٻين جو انڪشاف ٿيڻ بعد اينٽي ڪرپشن سائوٿ ۾ اڳوڻن آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر (پي ڊي) ضمير عباسي ۽ ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جهمن داس کي نامزد ڪيو ويو آهي.
جوابدارن تي جام صادق پل ۽ ٻن ڊپو منصوبن ۾ مالي خرد برد ڪرڻ جا الزام آهن.
اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب جاچ ڪميٽي بدانتظامي ۽ مالي گهوٻين جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب ٺيڪيدارن کي غير محفوظ مالي سهولت فراهم ڪئي وئي ۽ 8 ارب 50 ڪروڙ رپين جي مالي مدد بنا بئنڪ گارنٽي جي جاري ڪئي وئي.
ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان عمل سبب قومي خزاني کي لڳ ڀڳ هڪ ارب 25 ڪروڙ رپين جو نقصان پهتو.
جاچ رپورٽ ۾ بدعنواني، جعلسازي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جا الزام پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment