اوٻاوڙو ۾ غير قانوني پيٽرول وڪري جو ڪاروبار ٻيهر تيز

1 Min Read

اوٻاوڙو (رپورٽر) اوٻاوڙو قومي شاهراهه تي ڪمون شهيد کان ڏهرڪي تائين غير قانوني پيٽرول ۽ ڊيزل وڪرو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب اڳ ڪارروائين بعد بند ڪيل دڪان هاڻي ٻيهر کلي ويا آهن.
اطلاعن موجب مبينا طور پوليس جي سرپرستي ۽ آئل ٽينڪرن جي ڪجهه ڊرائيورن جي ملي ڀڳت سان ايندھن چوري ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي.
هي غير قانوني ڪاروبار سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ سان گڏ ڪنهن به وڏي حادثي جو خطرو پڻ پيدا ڪري رهيو آهي.
شهرين اختيارين کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment