ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) لياري ايڪسپريس وي ري سيٽلمينٽ (آبادڪاري) منصوبي جي جاچ دوران وڏين مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ڪيو آهي.
دستاويزن موجب منصوبي ۾ 16 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي پلاٽ اسڪينڊل سامهون آيو آهي.
جاچ دستاويزن موجب پروجيڪٽ ڊائريڪٽر منصوبي ۾ شامل 9 هزار غير قانوني پلاٽن کي رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منظور ٿيل لي آئوٽ کان ٻاهر مختلف هائوسنگ اسڪيمن ۾ هزارين اضافي پلاٽ ٺاهيا ويا.
دستاويزن موجب گرين بيلٽس، سروس روڊن ۽ کليل جڳهن تي قبضا ڪري رهائشي ۽ ڪمرشل پلاٽ ٺاهيا ويا، جنهن سبب سرڪاري ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿي.
پروجيڪٽ ڊائريڪٽر غير قانوني ۽ اضافي منظور ٿيل پلاٽن کي ختم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي.
نيب دستاويزن مطابق انهن بي ضابطگين سبب سرڪاري خزاني کي گهٽ ۾ گهٽ 16 ارب رپين جو نقصان پهتو آهي.
رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته منظور ٿيل منصوبي کان ٻاهر هزارين ڪمرشل پلاٽ پڻ ٺاهيا ويا هئا.
ذريعن موجب وزيراعظم جي آڊٽ ٽيم جي رپورٽ ۾ به انهن بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته تڪراري پلاٽن جي فهرست وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪلي وئي آهي.

لياري ايڪسپريس وي آبادڪاري منصوبي ۾ 16 ارب رپين جي پلاٽ اسڪينڊل جو انڪشاف
Leave a Comment Leave a Comment

