جده (ويب ڊيسڪ): سعودي ڪابينا اڱاري ڏينهن جده ۾ ٿيل اجلاس دوران ايجنڊا ۾ شامل مختلف معاملن جو جائزو ورتو ۽ ڪيترن ئي ملڪن سان مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي منظوري ڏني.
سعودي پريس ايجنسي (SPA) موجب ڪابينا سعودي گهرو وزير يا سندس ڪنهن نائب کي پاڪستان سان خانگي ڊرائيونگ لائسنسن جي باهمي سڃاڻپ بابت معاهدي تي ڳالهين ۽ صحيحن جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.
اجلاس دوران سعودي عرب ۽ ڀارت وچ ۾ ثقافتي تعاون بابت مفاهمتي يادداشت، جڏهن ته چين سان ڪسٽم معاملن ۾ گڏيل سهڪار جي به منظوري ڏني وئي.
ڪابينا سعودي وزارت ثقافت ۽ عالمي اتحاد براءِ تحفظِ ورثو وچ ۾ رياض ۾ تنظيم جي علائقائي آفيس قائم ڪرڻ بابت معاهدي لاءِ به اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني.
اجلاس ۾ ٻين اهم معاملن تي به غور ڪيو ويو، جڏهن ته ملڪ اندر مختلف اعليٰ سرڪاري عهدن تي مقررين ۽ ترقين جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا.

سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ڊرائيونگ لائسنس جي گڏيل سڃاڻپ بابت معاهدي جي منظوري
Leave a Comment Leave a Comment

