سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن معزز ادارو آهي، ان جي ۽ صوبي جي بدنامي نٿا چاهيون: سنڌ هاءِ ڪورٽ

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) جي امتحانن ۽ نتيجن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران امتحانن جي ڪنٽرولر سميت لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران جسٽس نثار احمد ڀنڀرو ايس پي ايس سي جي ڪارڪردگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ته امتحان وٺندڙن جا نالا ڪير موڪليندو آهي؟ عدالت امتحاني عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ ٽئين ڌر کي امتحان ڪرائڻ بابت به غور ڪيو ۽ پڇيو ته اهڙي صورت ۾ ڪهڙو طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو؟
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته هو وري وري عملدارن کي طلب ڪرڻ نٿي چاهي ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ معزز ادارو آهي، جنهن جي ۽ صوبي جي بدنامي کان بچڻ ضروري آهي.
جسٽس نثار احمد ڀنڀرو ڪنٽرولر سان مڪالمو ڪندي چيو ته توهان شايد سٺا بيوروڪريٽ آهيو، پر سسٽم ۾ رهندي به بهتر نتيجا ڏيڻ ضروري آهن. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ بلوچستان جي سروس ڪميشنن بابت اهڙيون شڪايتون سامهون نٿيون اچن، جڏهن ته هتي رڳو پگهار لاءِ ڪم ڪرڻ وارو تاثر پيدا ٿي رهيو آهي.
ٻڌڻي دوران عدالت ايس پي ايس سي پاران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ بدران خانگي وڪيل مقرر ڪرڻ تي به اعتراض واريو ۽ سوال ڪيو ته ڇا عدالت اهڙو حڪم ڏئي جو هن ڪيس ۾ خانگي وڪيل جون خدمتون حاصل نه ڪيون وڃن.
عدالت اهو به پڇيو ته ڇا ايڊووڪيٽ جنرل آفيس امتحاني عمل بابت ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ موقف اختيار ڪيو ته اهو سندن مينڊيٽ ۾ شامل ناهي ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت کان هدايتون وٺڻيون پونديون.
درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪامياب امتحاني ماڊل موجود آهن، جن کي سنڌ ۾ به اختيار ڪري سگهجي ٿو.
عدالت ايس پي ايس سي جي امتحانن کي مڪمل شفاف بڻائڻ لاءِ ڌرين کان تجويزون طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Share This Article
Leave a Comment