وفاق کان رقم جي مڪمل ادائيگي کانپوءِ ئي گرانٽ ڏينداسين: مراد علي شاهه

3 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هي پاڪستان پيپلزپارٽي جي 18هين بجيٽ آهي، جنهن ۾ معاشي ڏکيائين باوجود عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته نئين بجيٽ عوام دوست آهي ۽ هر سال عوامي سهولت کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي.
وڏي وزير موجب سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7-7 سيڪڙو واڌ جو به اعلان ڪيو، جڏهن ته پورهيت جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو 43 هزار رپيا ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
هن ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال لاءِ 456 ارب رپين جو ٽيڪس هدف مقرر ڪيو ويو آهي، صوبي جا ڪل خرچ 2300 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته غير ترقياتي بجيٽ لاءِ 2560 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ترقياتي بجيٽ 930 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي، ۽ بجيٽ ۾ لڳ ڀڳ 300 ارب رپين جو خسارو آهي.
مراد علي شاهه چيو ته وفاق کان اين ايف سي جي مد ۾ 13 هزار 150 ارب رپيا ملندا، جڏهن ته اميد آهي ته هلندڙ مهيني وفاق کان 200 ارب رپيا به ملندا. هن چيو ته آئين موجب وفاق ۽ صوبا هڪ ٻئي کي گرانٽ ڏئي سگهن ٿا، ۽ سنڌ صوبو وفاق کي 260 ارب رپيا فراهم ڪندو.
وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي اين ايف سي جي ري وائز فارمولي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ وفاق کي واضح ڪيو ويو آهي ته رقم جي مڪمل ادائيگي کان پوءِ ئي گرانٽس ڏنيون وينديون. هن چيو ته هلندڙ سال ڏکيو آهي پر ايندڙ سال صورتحال بهتر ٿيندي.
بجيٽ ۾ صحت لاءِ 17.4 ارب رپيا، تعليم ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ 25.90 ارب رپيا، مڪاني کاتي لاءِ 121.6 ارب رپيا، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز لاءِ 6.17 ارب رپيا ۽ سولر فنانسنگ لاءِ 18 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ 54.25 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته ڪراچي جي اهم منصوبن ۾ گريٽر سيوريج پلان S-3 لاءِ 1 ارب رپيا، لياري ٽرانسفارميشن پيڪيج لاءِ 4.37 ارب رپيا ۽ ييلو لائن بي آر ٽي لاءِ 3.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ڪراچي سيف سٽي منصوبي لاءِ به فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گل پلازا لاءِ ساڍا 8 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔

Share This Article
Leave a Comment