گمبٽ (رپورٽر) ٽي ڏينهن اڳ ستابو ۾ قتل ٿيل سيما عرف نسيم باريجو جي والد رجب علي ۽ ڀاءُ گمبٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو آهي ته سندن ڌيءَ کي جوابدار مير محمد چنو ٻه ڀيرا ورغلائي اغوا ڪري ويو هو، پر پوليس اڃا تائين کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
رجب علي ٻڌايو ته سندس ڌيءَ سيما عرف نسيم جي شادي زوهيب ڊومڪي سان ٿيل هئي، جنهن بعد مير محمد چنو کيس ورغلائي گهران وٺي ويو. بعد ۾ برادري ۽ راڄوڻي ڪوششن سان کيس واپس آڻي ٻيهر شادي ڪرائي وئي، پر ڇهن مهينن کان پوءِ جوابدار ٻيهر سندس ڌيءَ کي اغوا ڪري ويو.
هن چيو ته لاڙڪاڻي پوليس ٻنهي کي هٿ ڪري حيدري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو، جتي عدالت ۾ سيما عرف نسيم والدين سان گڏ رهڻ جو بيان ڏنو، جنهن بعد کيس سندن حوالي ڪيو ويو.
رجب علي موجب ڌيءَ کي گهر آڻڻ کان رڳو ڏهه ڏينهن پوءِ سهڻي باريجو جي گهر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
هن چيو ته پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، پر واقعي جو مک ڪردار مير محمد چنو اڃا تائين آزاد گهمي رهيو آهي.
پريس ڪانفرنس دوران هن الزام هنيو ته ڌيءَ جي قتل کانپوءِ به جوابدار ڌر کين ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.
هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته سيما عرف نسيم قتل ڪيس جو نوٽيس وٺي مير محمد چنو کي فوري گرفتار ڪري قتل ڪيس ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن متاثر خاندان کي انصاف ملي سگهي.

گمبٽ: ستابو قتل ڪيس، مقتول عورت سيما باريجو جي پيءُ جو مک جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو
Leave a Comment Leave a Comment

