ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير جي علائقي قائدآباد ۾ ٽن ورهين جي معصوم نينگري ڪلثوم جو ٻوري ۾ بند لاش ملڻ واري افسوسناڪ واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس مقتولا جي پيءُ محمد قاسم جي فرياد تي اغوا، قتل، جنسي ڏاڍائي، تشدد ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي آهي.
پوليس موجب نينگري گهر ٻاهران راند ڪندي گم ٿي وئي هئي. وارثن جي ڳولا باوجود سندس ڪو پتو نه پيو، جڏهن ته شام دير سان سندس لاش اٽي جي ٻوري مان مليو. لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.
پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه موجب شروعاتي پوسٽ مارٽم دوران نينگري سان جنسي تشدد جا ثبوت سامهون آيا آهن. هن ٻڌايو ته وڌيڪ حقيقتون فرانزڪ ۽ ڪيميائي تجزين جون رپورٽون اچڻ کان پوءِ واضح ٿي سگهنديون. پوسٽ مارٽم دوران مختلف نمونا محفوظ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايڪسري سميت ٻين طبي معائنن جو عمل پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي.
مقتولا جي پيءُ محمد قاسم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو روزاني جيان مزدوري لاءِ گهران نڪتو هو، جڏهن ته شام جو اطلاع مليو ته سندس ڌيءَ گهر ٻاهران راند ڪندي گم ٿي وئي آهي. هن چيو ته مختلف هنڌن تي ڳولا ۽ مسجدن مان اعلانن باوجود نينگري جو ڪو پتو نه پيو. بعد ۾ گهر پهچڻ تي معلوم ٿيو ته سندس ڌيءَ جو لاش هڪ ٻوري مان مليو آهي.
پيءُ جو چوڻ هو ته سندس ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، پر کيس شڪ آهي ته واقعي ۾ ڪو اهڙو شخص ملوث ٿي سگهي ٿو جيڪو پاڙي يا خاندان کان واقف هجي. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
ٻئي طرف آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي ڊي آءِ جي ايسٽ جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي ايس آءِ يو، ايس ايس پي ملير، ايس ايس پي اسپيشل برانچ، ايس پي انويسٽيگيشن ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شامل آهن. ڪميٽي واقعي جي سڀني رخن کان جاچ ڪري جلد رپورٽ پيش ڪندي.
واقعي کان پوءِ علائقي واسين ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ جاچ هر رخ کان جاري آهي.


