خيرپور (رپورٽ: شڪيل جانوري ) پنج سال اڳ ڏهين محرم الحرام جي ڏينهن سنگرار مان سبيل هلائيندي اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ هندو برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مظاهري جي اڳواڻي مکي لعل چند، ڊاڪٽر روچا رام، دليپ ڪمار ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ پريا ڪماري جي جلد بازيابي جو مطالبو ڪيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پريا ڪماري کي پنج سال اڳ سنگرار مان اغوا ڪيو ويو، پر ايترو وقت گذرڻ باوجود اڄ تائين سندس ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو عمل آهي.
هنن چيو ته پريا ڪماري جي وارثن جو ڏک ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته سندس امڙ اڄ به پنهنجي نياڻي جي واپسي جي اوسيئڙي ۾ آهي.
مظاهرين جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنجيده ۽ فوري قدم کڻن ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
احتجاج دوران مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته پريا ڪماري جي بازيابي تائين سندن احتجاج جاري رهندو.


