سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عاشور جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ 10 محرم الحرام، يومِ عاشور، سڄي سنڌ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، جتي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ننڍن وڏن شهرن مان ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا آهن.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ميرپورخاص، ٺٽو، بدين، خيرپور، دادو، ڄامشورو، سانگهڙ، قمبر شهدادڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ مرڪزي جلوس مقرر رستن تان گذري رهيا آهن.

جلوسن ۾ عزادار نوحا خواني ۽ سينه زني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي سبيلون ۽ نياز جا اهتمام پڻ ڪيا ويا آهن.

سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا پاران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري جلوسن جي رستن ۽ امام بارگاهن تي مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ ٽريفڪ پلان به جاري ڪيو ويو آهي.

علمن ۽ ذوالجناح جي زيارت لاءِ عقيدتمندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت جاري آهي، جڏهن ته شام تائين مرڪزي جلوس پنهنجي منزلن تي پهچي نهر ٿيندا.

لاهور ۾ نثار حويلي مان برآمد ٿيل جلوس ڪربلا گامي شاهه طرف روان دوان آهي.

ملتان، پشاور، ڪوئيٽا، اسلام آباد، راولپنڊي ۾ به جلوس برآمد ٿي رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment