آبنائي هرمز تي رڳو مقرر رستي تان جهاز وڃي سگهندا: ايران جو واضح اعلان

3 Min Read

تهران  ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهازن لاءِ محفوظ رستي جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، خاص طور تي انهن جهازن لاءِ جيڪي “غير واضح انتظامن، متوازي سامونڊي رستن، يا ايران کي ساحلي رياست طور نظرانداز ڪندي ڪيل فيصلن” تحت سفر ڪن ٿا.

هن سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪو به قابلِ اعتماد نظام ايران سان هم آهنگي ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي پنجين شق جي بنياد تي هئڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ متوازي سامونڊي رستو معطل ڪيو ويندو.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل 14 نڪاتي مفاهمتي يادداشت موجب، ايران سلطنتِ عمان سان گڏجي آبنائي هرمز جي مستقبل جي انتظام ۽ سامونڊي خدمتن بابت ڳالهين جو عمل جاري رکندو، ۽ اهو عمل ٻين نار وارن ساحلي ملڪن سان گڏ بين الاقوامي قانون ۽ ساحلي رياستن جي خودمختيار حقن موجب ڪيو ويندو.

بي بي سي مانيٽرنگ موجب، ايراني سرڪاري ٽي وي اڄ صبح رپورٽ ڏني ته پاسدارانِ انقلاب جي بحريه خبردار ڪيو آهي ته آبنائي هرمز مان گذرندڙ سڀئي جهاز رڳو تهران طرفان مقرر ڪيل سامونڊي رستا استعمال ڪن.

بيان ۾ چيو ويو ته انهن مقرر ڪيل رستن کان هٽي جهاز هلائڻ تي پابندي آهي ۽ اهڙي عمل سان سنگين خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. وڌيڪ چيو ويو ته آبنائي هرمز مان گذرڻ لاءِ پاسدارانِ انقلاب جي بحريه سان اڳواٽ رابطو ۽ هم آهنگي لازمي آهي.

هي ابتدائي خبرداري ان وقت سامهون آئي، جڏهن عمان 23 جون تي اعلان ڪيو ته هن آبنائي هرمز ۾ سامونڊي آمدرفت کي وڌيڪ آسان ۽ تيز بڻائڻ لاءِ نئون سامونڊي رستو کوليو آهي.

ان کانپوءِ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ سندس عماني هم منصب بدر البوسعيدي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين تازو ايران-آمريڪا معاهدي تحت قائم 60 ڏينهن واري عبوري عرصي دوران ويجهي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن آبنائي هرمز ۾ جهازن جي محفوظ آمدرفت کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.

ان کان علاوه، ايران جي نئين قائم ڪيل اداري “پرشين گلف اسٽريٽ اٿارٽي” اعلان ڪيو آهي ته غير مجاز سامونڊي رستن جي استعمال سبب پيدا ٿيندڙ ڪنهن به نتيجي جي مڪمل ذميواري جهاز جي مالڪ، چارٽرر ۽ ڪپتان تي هوندي.

Share This Article
Leave a Comment