ٽريگر تي آڱر آهي، جنگبندي جي ڀڃڪڙي ٿي ته ڪارروائي ٿيندي: ايران

2 Min Read

تہران (ويب ڊيسڪ) ايران جي وقتي مقام وزير دفاع بريگيڊيئر جنرل سيد مجيد ابن الرضا چيو آهي ته تهران پنهنجي مخالفن تي ڀروسو نٿو ڪري ۽ جنگبندي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي جي صورت ۾ مناسب ۽ ضروري جواب ڏنو ويندو.

ايراني خبر ايجنسي موجب، قطر جي نائب وزيراعظم ۽ وزير مملڪت براءِ دفاعي معاملن شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن آل ثاني سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران سيد مجيد ابن الرضا قطر جي جنگبندي ۾ ڪردار تي شڪريو ادا ڪيو.

هن چيو ته مخالف ڌر هن مختصر عرصي دوران ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ذميوارين جي ڀڃڪڙي ڪري چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته “اسين پنهنجي مسلم پاڙيسري ملڪن، خاص طور تي قطر تي اعتماد ڪريون ٿا، پر دشمن تي نه.”

ايراني قائم مقام وزير دفاع خبردار ڪيو ته اسان جي آڱر ٽريگر تي آهي، ۽ جيڪڏهن جنگبندي جي ڪنهن به شق جي ڀڃڪڙي ٿي ته بنا ڪنهن هٻڪ جي مناسب ۽ ضروري ڪارروائي ڪئي ويندي.

ياد رهي ته ايران اڳ به الزام لڳائي چڪو آهي ته جنگبندي باوجود آمريڪا ڪيترائي ڀيرا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جڏهن ته ايران پڻ دفاع ۾ خطي ۾ آمريڪي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جا دعويٰ ڪيا آهن.

ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي به چيو هو ته آمريڪا تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي ۽ ڪنهن به ڀڃڪڙي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment