خيرپور(رپورٽ شڪيل جانوري) خيرپور ۾ موبائل فون تي ڳالهائڻ تان ڀيڻ کي ڀاءُ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پنجهٽي واري علائقي ۾ 35 ورهين جي سپنا دايو کي گهر اندر گولي لڳڻ ڪري مارجي وئي.
واقعي بعد مقتولا عورت جو ضروري ڪارروائي لاءِ لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته سپنا دايو کي سندس ڀاءُ فاروق دايو گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. پوليس موجب موبائل فون تي ڳالهائڻ تان ڪاوڙجي ڀاءُ گوليون هڻي ڀيڻ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو


