وزيراعظم شهباز شريف جون ترڪيه ۾ اهم ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون

3 Min Read

استنبول ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي شهر استنبول ۾ ترڪيه جي اهم ڪاروباري گروپن ۽ صنعتي تنظيمن جي اعليٰ عهديدارن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جن دوران پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ ترڪ سيڙپڪاري وڌائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقاتن ۾ چالڪ هولڊنگ جي چيئرمين احمد چالڪ، البيرڪ گروپ جي چيئرمين احمد البيرڪ ۽ يونين آف دي چيمبر اينڊ ڪموڊيٽي ايڪسچينجز آف ترڪيه (TOBB) جي صدر رفعت حصارجيڪلي اوغلو شرڪت ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مضبوط سياسي ۽ سفارتي لاڳاپن کي هاڻي وسيع اقتصادي ۽ سيڙپڪاري واري ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي معاشي حالتن ۾ بهتري اچي رهي آهي، حڪومت سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول، شفاف پاليسيون ۽ ڪاروبار دوست نظام فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ترڪ ڪمپنين کي توانائي، معدنيات، انفراسٽرڪچر، سامونڊي معاملن، لاجسٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيليڪميونيڪيشن، زراعت، صنعت ۽ نجڪاري سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني.

هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل  پرڏيهي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت ۽ هر ممڪن اداري سهڪار فراهم ڪري رهي آهي.

چالڪ هولڊنگ سان ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر، آءِ ٽي ۽ نجڪاري جي شعبن ۾ موجود موقعن تي روشني وڌي، جڏهن ته البيرڪ گروپ کي بندرگاهن جي جديدڪاري، سامونڊي انفراسٽرڪچر ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني.

TOBB جي صدر سان ملاقات دوران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ لاءِ باقاعده ادارياتي نظام قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ ترڪ واپاري وفد کي پاڪستان جو دورو ڪري سيڙپڪاري جي موقعن جو سڌو جائزو وٺڻ جي دعوت پڻ ڏني.

ان موقعي تي ترڪ ڪاروباري اڳواڻن پاڪستان جي معاشي سڌارن، سيڙپڪار دوست پاليسين ۽ بهتر ٿيندڙ واپاري ماحول تي اعتماد جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ مختلف اسٽريٽجڪ شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment