تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايراني ميڊيا موجب اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ سندس خاندان جي جنازي نماز مختلف شهرن ۾ شيعا مذهب جي مرجعي تقليد جي حيثيت رکندڙ نامياري عالمن جي امامت ۾ ادا ڪئي ويندي.
ايراني خابرو ادارن موجب تهران ۾ آيت الله جعفر سبحاني تبريزي، قم ۾ آيت الله ناصر مڪارم شيرازي ۽ مشهد ۾ آيت الله حسين نوري همداني جنازي نماز پڙهائيندا.
اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي والد ۽ خاندان جي ٻين فردن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندا يا نه.
بي بي سي فارسي موجب جنازي جي انتظامي ڪميٽي جي سيڪريٽري علي اڪبر جو چوڻ آهي ته مجتبيٰ خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت بابت فيصلو سپريم ليڊر جي خاندان وٽ آهي، جيڪڏهن شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو ته ان جو باضابطا اعلان سندن آفيس ذريعي ڪيو ويندو.
رپورٽن موجب جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ مجتبيٰ خامنه اي نه عوامي سطح تي نظر آيا آهن ۽ نه ئي سندن ڪا آڊيو يا وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، جنهن سبب سندن موجوده صورتحال بابت مختلف قياس آرائيون جاري آهن.
ياد رهي ته 28 فيبروري 2026ع تي جنگ جي شروعاتي ڏينهن پنهنجي والد ۽ والده جي قتل کانپوءِ ايران جا نوان سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي ڪنهن به جنازي يا سرڪاري تقريب ۾ ذاتي طور نظر نه آيا آهن، جنهن سبب سندن صحت ۽ موجودگي بابت مختلف سوال اٿاريا پيا وڃن.


