اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا آهن.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ رضا اميري مقدم وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل عاصم منير سميت انهن سمورين شخصيتن جا ٿورا مڃيا، جن اڳوڻي سپريم ليڊر جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪري ايران جي حڪومت ۽ عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيو.
هن لکيو ته اعليٰ سطح ۽ وڏي انگ ۾ پاڪستاني وفد جي موجودگي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ جٽادار دوستي، گڏيل احترام ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي شاهدي آهي.


