ڀارتي اداڪار راجپال يادو کي چيڪ بائونس ڪيس ۾ سزا، اپيل لاءِ ٻن مهينن جي مهلت

2 Min Read

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪار راجپال يادو کي چيڪ بائونس جي ست الڳ الڳ ڪيسن ۾ دهلي هاءِ ڪورٽ طرفان هر ڪيس ۾ ٽن مهينن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته سموريون سزائون گڏ هلنديون، جڏهن ته اداڪار کي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن جي مهلت پڻ ڏني وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب عدالت راجپال يادو کي هر هڪ ڪيس ۾ 1 ڪروڙ 5 لک ڀارتي رپيا ادا ڪرڻ ۽ ان سان گڏ رياست کي 25 هزار ڀارتي رپيا جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.

رپورٽن موجب راجپال يادو اڳ ئي 2 ڪروڙ 25 لک ڀارتي رپيا ادا ڪري چڪو آهي، جيڪي آخري واجب الادا رقم مان گهٽايا ويندا.

 عدالت خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن باقي رقم مقرر وقت اندر ادا نه ڪئي وئي ته کيس وڌيڪ ڇهن مهينن جي قيد به ٿي سگهي ٿي.

هي قانوني تڪرار 2010ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن مرلي پراجيڪٽس پرائيويٽ لميٽيڊ راجپال يادو کي سندس فلم “اٽا پٽا لاپٽا” جي تياري لاءِ 5 ڪروڙ ڀارتي رپين جو قرض ڏنو هو. فلم باڪس آفيس تي ناڪام ٿيڻ بعد اداڪار قرض واپس نه ڪري سگهيو.

رپورٽن موجب آگسٽ 2024ع ۾ قرض جي عدم ادائيگي سبب راجپال يادو جي ملڪيت ضبط ڪئي وئي، جڏهن ته فيبروري 2026ع ۾ هو ڪجهه ڏينهن جيل ۾ به رهيو، جنهن بعد جزوي رقم جمع ڪرائڻ تي کيس عبوري رليف ملي ويو.

راجپال يادو اڳ ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته “هي معاملو صرف پئسن جو نه هو، پر اصولن سان به لاڳاپيل هو.في الحال ڪيس اپيل هيٺ اچي سگهي ٿو، ۽ عدالت اداڪار کي فيصلي خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

Share This Article
Leave a Comment