گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) راڻيپور ويجهو صوڀوديرو–راڻيپور لنڪ روڊ تي هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند پنهنجي 20 ورهين جي زال رضيا شر کي سندس والدين جي سامهون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، مقتولا رضيا شر جا والدين لڳ ڀڳ هڪ سال کان پوءِ پنهنجي نياڻي کي واپس وٺڻ لاءِ آيا هئا. ان وقت سندس مڙس خدابخش شر گهر ۾ موجود نه هو، جڏهن ته سس رضامندي ڏئي رضيا کي والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني.
پوليس جو چوڻ آهي ته رضيا پنهنجي والدين سان گڏ محمود چنا کان شڪارپور واپس وڃي رهي هئي، ته ان دوران خدابخش شر موٽر سائيڪل تي پٺيان اچي راڻيپور ويجهو صوڀوديرو–راڻيپور لنڪ روڊ تي کين روڪي زال تي فائرنگ ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ رضيا موقعي تي ئي مارجي وئي.
شروعاتي ڄاڻ موجب، مقتولا ۽ جوابدار لاڏائو خاندان سان تعلق رکن ٿا، اصل ۾ شڪارپور جا رهواسي آهن، جڏهن ته هن وقت محمود چنا ٿاڻي جي حد ۾ رهائش پذير هئا.
واقعي کان پوءِ پوليس فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار خدابخش شر کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته مقتولا جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ راڻيپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ قتل جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ مختلف پهلوئن کان تحقيق ڪئي پئي وڃي.


