ڪراچي (ويب ڊيسڪ): موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ برساتي موسم شروع ٿي چڪي آهي، پر ايندڙ هفتي تائين ڪنهن به مضبوط برساتي سلسلي جي شهر تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان ناهي.
موسميات کاتي جي ترجمان انجم نذير ضيغم چيو آهي ته ايندڙ ٽن ڏينهن دوران شهر ۾ آسمان جهڙالو رهندو، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات يا بوندا باندي ٿي سگهي ٿي، پر وسڪاري واري برسات جا امڪان تمام گهٽ آهن.
هن ٻڌايو ته ايندڙ ڏينهن ۾ موسم خوشگوار رهندي ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ جي لڳ ڀڳ رهڻ جو امڪان آهي.
ترجمان موجب عربي سمنڊ مان ايندڙ گهم واريون هوائون ۽ صومالي هوائن سبب 30 کان 35 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلنديون، جڏهن ته ڪجهه وقتن تي هوائن جا جهوٽا 40 کان 45 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي سگهن ٿا، جنهن سان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي محسوس ٿيندي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ ڪراچي ۾ تيز برساتن يا شهري ٻوڏ جو ڪو فوري خطرو ناهي، جڏهن ته شهرين کي موسم جي تازي اڳڪٿين تي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب شروعاتي موسمي جائزي تحت هن سال ڪراچي ۾ برساتي موسم دوران برساتون معمول کان گهٽ پوڻ جو امڪان آهي، جيڪڏهن نئون موسمي سلسلو ٺهيو ته صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي.


