گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف فوج بابت تڪراري تقرير ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
ايڊووڪيٽ منظور قادر ڀنڊر طرفان داخل ڪيل درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج فيصل جميل، ايس ايڇ او سول لائنز ۽ مولانا فضل الرحمان کي 28 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پوليس کي به ساڳئي تاريخ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي تڪراري تقرير تي قانون موجب ڪيس داخل ڪيو وڃي.
هوڏانهن پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين علامه طاهر اشرفي به مولانا فضل الرحمان جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شهيدن بابت ڏنل بيان تي هو شهيدن جي وارثن کان معذرت خواه آهن.
ٻئي طرف بچاءَ واري وزير خواجه آصف، وفاقي وزير احسن اقبال، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين پڻ مولانا فضل الرحمان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شهيدن جي قربانين کي پگهارن سان جوڙڻ شهيدن ۽ سندن خاندانن سان ناانصافي آهي.


