ملير (رپورٽ: شاهد ڇڄڙو) سنڌ وائيس تي يو سي پپري جي مک رستي تي گندي پاڻي جي نيڪال واري مسئلي بابت خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ اختيارين نوٽيس وٺندي فوري ڪارروائي ڪئي، جنهن بعد رستي تي سوريج جي نيڪال جو ڪم تيزي سان جاري آهي.
ذريعن موجب، ايم پي اي ساجد جوکيو گذريل ڏينهن متاثر علائقي جو دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور مسئلو حل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، جنهن کانپوءِ 22 ڳوٺن کي ملائيندڙ اهم رستي تي نيڪال واري منصوبي تي باقاعده ڪم شروع ڪيو ويو.
علائقي واسين سنڌ وائيس جي رپورت کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪم جلد مڪمل ٿيڻ سان کين ايندڙ ڏينهن ۾ اچ وڃ ۽ گندي پاڻي جي مسئلي مان ڇوٽڪارو ملندو.


