چمبڙ ۾ مدرسي جي شاگرد سان مبينا زيادتي ۽ قتل واري واقعي جو صوبائي گهرو وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

1 Min Read

ٽنڊو الهيار( خميسو دائوداڻي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چمبڙ ۾ مدرسي جي هڪ شاگرد سان مبينا زيادتي ڪرڻ ۽ بعد ۾ کيس زهريلي دوا پياري قتل ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.

صوبائي گهرو وزير ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان واقعي بابت فوري ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي هر رخ کان شفاف، اڻ ڌري ۽ ميرٽ تي جاچ ڪئي وڃي.

هن هدايت ڪئي ته متاثر خاندان کي هر ممڪن قانوني سهائتا فراهم ڪئي وڃي ۽ کين انصاف جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي.

گهرو وزير چيو ته اهڙا سنگين واقعا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيا ويندا، قانون کان مٿانهون ڪو به ناهي.

ضياءُ الحسن لنجار چيو ته واقعي جا سڀ حقيقتون سامهون آنديون وڃن ۽ ذميوار عنصرن کي قانون موجب قرار واقعي سزا ڏيارڻ لاءِ سمورا قانوني قدم کنيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment