Focus with Zardari

چمبڙ ۾ مدرسي جي شاگرد سان مبينا زيادتي ۽ قتل واري واقعي جو صوبائي گهرو وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

1 Min Read

ٽنڊو الهيار( خميسو دائوداڻي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چمبڙ ۾ مدرسي جي هڪ شاگرد سان مبينا زيادتي ڪرڻ ۽ بعد ۾ کيس زهريلي دوا پياري قتل ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.

صوبائي گهرو وزير ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان واقعي بابت فوري ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي هر رخ کان شفاف، اڻ ڌري ۽ ميرٽ تي جاچ ڪئي وڃي.

هن هدايت ڪئي ته متاثر خاندان کي هر ممڪن قانوني سهائتا فراهم ڪئي وڃي ۽ کين انصاف جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي.

گهرو وزير چيو ته اهڙا سنگين واقعا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيا ويندا، قانون کان مٿانهون ڪو به ناهي.

- Advertisement -

ضياءُ الحسن لنجار چيو ته واقعي جا سڀ حقيقتون سامهون آنديون وڃن ۽ ذميوار عنصرن کي قانون موجب قرار واقعي سزا ڏيارڻ لاءِ سمورا قانوني قدم کنيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment