گمبٽ: مڙس خلاف عورت جو نياڻي سميت احتجاج، تحفظ ۽ انصاف جي اپيل

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ سانول وارو واسڻ عورت پروين ٽانوري پنهنجي نياڻي سميت پريس ڪلب پهچي مڙس خلاف احتجاج ڪيو ۽ اعليٰ پوليس اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

پروين ٽانوري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس مڙس گذريل چئن سالن کان کيس گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ان عرصي دوران نه ئي گهر جو خرچ ڏئي رهيو آهي ۽ نه ئي سندن سار سنڀال لهي رهيو آهي.

هن چيو ته هوءَ گهرن ۾ مزدوري ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي نياڻي جو گذر سفر ڪري رهي آهي، جڏهن ته هاڻي سندس مڙس زبردستي کيس واپس گهر وٺي وڃڻ چاهي ٿو.

عورت الزام هنيو ته سندس مڙس تشدد ڪرڻ جو عادي آهي ۽ کيس لاڳيتو موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙ عورت ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته سندس مڙس خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment