پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو، بين الصوبائي ٽريفڪ بند

1 Min Read

گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) ٻٻرلوءِ ۾ مغوي ٻارن جي بازيابي لاءِ احتجاج نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو، جتي وارثن ۽ سوين شهرين بين الصوبائي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

مغوي ٻارن جي والدين ۽ پريا ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سوين ماڻهو يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شامل ٿيا. احتجاج سبب بين الصوبائي ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي، جڏهن ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هو گذريل ٽن هفتن کان پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا، پر نه ڪنهن حڪومتي نمائندي ساڻن رابطو ڪيو ۽ نه ئي ڪو پوليس عملدار سندن دانهن ٻڌڻ لاءِ پهتو.

پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته حڪومت ۽ انتظاميا جي بي ڌياني سبب هو مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آهن. سندن چوڻ هو ته ٻارن جي محفوظ بازيابي کان سواءِ هو ڪنهن به صورت ۾ احتجاج ختم نه ڪندا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته مغوي ٻارن کي فوري طور بازياب ڪري وارثن حوالي ڪيو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment