اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خطي ۾ تازو پيدا ٿيل بحران نه رڳو هن خطي، پر سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان هميشه علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ پاڪ-چين فارماسيوٽيڪل بي ٽو بي سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مفاهمتي عمل دوران پاڪستان ثالث جو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته هن عمل ۾ فيلڊ مارشل جون ڪوششون هميشه ياد رکيون وينديون.
شهباز شريف چين کي پاڪستان جو انتهائي قابلِ اعتماد ۽ مخلص دوست قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ 44 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ جا معاهدا خوش آئند آهن، جيڪي سي پيڪ فيز ٽو کي هٿي ڏيڻ ڏانهن اهم قدم آهن.
هوڏانهن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، جڏهن ته چين خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن.
ان موقعي تي وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزيراعظم جي قيادت هيٺ سموري ٽيم گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ۽ بزنس ڪانفرنس جو انعقاد به وزيراعظم جي ويزن جو حصو آهي.
وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو ته وزيراعظم جي تازي چين دوري سان اقتصادي سهڪار جو نئون باب کليو آهي، جنهن سان سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ صنعتي تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن.


