خيرپور ۾ بدامني خلاف ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ شهرين جو احتجاج، ڊاڪٽرياڻي کان ڦر واري واقعي خلاف ڌرڻو

2 Min Read

گمبٽ (رپورٽ: ممتاز ميمڻ): خيرپور جي علائقي پنجهٽي ڀرسان ڊاڪٽرياڻي کان هٿياربندن پاران مبينا ڦر جي واردات خلاف ڊاڪٽرن، وڪيلن، سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن خيرپور ۾ وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته شهرين، خاص طور ڊاڪٽرن ۽ ٻين پيشيور ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

احتجاج کانپوءِ متاثر ڊاڪٽرياڻي ناديا لاشاري خيرپور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنجهٽي ڀرسان هٿياربندن کانئس ڦر جي واردات ڪئي، جنهن دوران کيس هراسان ڪيو ويو.

هن چيو ته هي واقعو رڳو سندس ذات تائين محدود ناهي، پر اهو سڄي ڊاڪٽر برادري ۽ هر شهري جي تحفظ بابت وڏو سوال آهي.

ڊاڪٽر ناديا لاشاري چيو ته ڊاڪٽر پنجن سالن جي سخت محنت سان تعليم حاصل ڪري پنهنجي شهر ۽ ماڻهن جي خدمت لاءِ واپس اچن ٿا، پر افسوس جو پنهنجي ئي شهر ۾ پاڻ کي محفوظ محسوس نٿا ڪن.

سندس چوڻ هو ته خراب امن امان جي صورتحال سبب ڊاڪٽرن سميت ٻين پيشيور ماڻهن لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي.

ڊاڪٽر ناديا لاشاري سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي، خيرپور ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽرن، عورتن ۽ عام شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment