Focus with Zardari

اسپين ارجنٽينا کي شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ جو نئون چيمپيئن بڻجي ويو، سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ جشن

2 Min Read

نيو يارڪ / ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپين دلچسپ مقابلي کانپوءِ ارجنٽينا کي هڪ ٻڙي سان شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ جو فائنل کٽي ورتو آهي.

نيو يارڪ جي نيوجرسي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن عالمي ميچ جي مقرر وقت تائين ٻنهي ٽيمن مان ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي، جنهن بعد واڌو ڏنل وقت ۾ اسپين شاندار گول ڪري پنهنجي ٽيم کي سرسي ڏياري، جيڪا ميچ جي پڄاڻي تائين برقرار رهي.

ميچ جي شروعات کان اڳ ۽ هاف ٽائم دوران عالمي فنڪارن پاران شاندار پرفارمينس جو مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به اسٽيڊيم ۾ موجود هو، جنهن ميچ جي پڄاڻي تي فاتح ٽيم کي فيفا ورلڊ ڪپ جي ٽرافي ڏني.

- Advertisement -

عالمي ڪپ کٽڻ بعد اسپين جي رانديگرن ٽرافي سان گڏ ميدان تي جشن ملهايو، جڏهن ته اسپين جي مختلف شهرن ۾ هزارين ماڻهو خوشي ۾ روڊن تي نڪري آيا.

فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل جو جنون سنڌ ۾ به عروج تي رهيو. سنڌ جي راندين واري وزير محمد بخش مهر جي خصوصي هدايتن تي ڪراچي، نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ عوام لاءِ فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ وڏيون ڊجيٽل اسڪرينون لڳايون ويون هيون، جتي هزارين شوقين گڏ ٿي ميچ مان لطف اندوز ٿيا.

ڪراچي جي روايتي فٽبال حب لياري اسٽيڊيم ۾ فائنل ميچ جي اسڪريننگ جو خاص اهتمام ڪيو ويو، جتي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پيپلز پارٽي جو اڳواڻ نبيل گبول ۽ ناميارو اداڪار فهد مصطفيٰ پڻ شريڪ ٿيا.

سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اسپين جي فتح تي فٽبال جي شوقينن ڀرپور جشن ملهايو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment