اسپين ارجنٽينا کي شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ جو نئون چيمپيئن بڻجي ويو، سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ جشن

2 Min Read

نيو يارڪ / ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپين دلچسپ مقابلي کانپوءِ ارجنٽينا کي هڪ ٻڙي سان شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ جو فائنل کٽي ورتو آهي.

نيو يارڪ جي نيوجرسي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن عالمي ميچ جي مقرر وقت تائين ٻنهي ٽيمن مان ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي، جنهن بعد واڌو ڏنل وقت ۾ اسپين شاندار گول ڪري پنهنجي ٽيم کي سرسي ڏياري، جيڪا ميچ جي پڄاڻي تائين برقرار رهي.

ميچ جي شروعات کان اڳ ۽ هاف ٽائم دوران عالمي فنڪارن پاران شاندار پرفارمينس جو مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به اسٽيڊيم ۾ موجود هو، جنهن ميچ جي پڄاڻي تي فاتح ٽيم کي فيفا ورلڊ ڪپ جي ٽرافي ڏني.

عالمي ڪپ کٽڻ بعد اسپين جي رانديگرن ٽرافي سان گڏ ميدان تي جشن ملهايو، جڏهن ته اسپين جي مختلف شهرن ۾ هزارين ماڻهو خوشي ۾ روڊن تي نڪري آيا.

فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل جو جنون سنڌ ۾ به عروج تي رهيو. سنڌ جي راندين واري وزير محمد بخش مهر جي خصوصي هدايتن تي ڪراچي، نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ عوام لاءِ فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ وڏيون ڊجيٽل اسڪرينون لڳايون ويون هيون، جتي هزارين شوقين گڏ ٿي ميچ مان لطف اندوز ٿيا.

ڪراچي جي روايتي فٽبال حب لياري اسٽيڊيم ۾ فائنل ميچ جي اسڪريننگ جو خاص اهتمام ڪيو ويو، جتي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پيپلز پارٽي جو اڳواڻ نبيل گبول ۽ ناميارو اداڪار فهد مصطفيٰ پڻ شريڪ ٿيا.

سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اسپين جي فتح تي فٽبال جي شوقينن ڀرپور جشن ملهايو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment