حڪومت مسلسل ٻئي ڏينهن به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  حڪومت لڳاتار ٻئي ڏينهن پيٽرول ۽ ٽئين ڏينهن ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 6 رپيا 39 پئسا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 7 رپيا 83 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي.

واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 327 رپيا 12 پئسا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 375 رپيا 4 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب نيون قيمتون 23 جولاءِ کان لاڳو ٿينديون.

واضح رهي ته حڪومت خطي جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين هاڻي روزاني بنيادن تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment