ڪراچي (آزاد ميراڻي) ڪراچي ۾ پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن جي هڙتال سبب ڪيترائي پيٽرول پمپ بند ٿي ويا آهن، جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
هڙتال سبب روزاني سفر ۽ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي ويون آهن، جڏهن ته پيٽرول جي کوٽ سبب گاڏين جون قطارون به نظر اچي رهيون آهن.
شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول پمپ مالڪن سان ڳالهيون ڪري مسئلو جلد حل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي.


