آفاق احمد پاران ميڊيا سان بدسلوڪي، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي سخت مذمت، معافي جو مطالبو

1 Min Read

ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) ايم ڪيو ايم حقيقي جي چيئرمين آفاق احمد پاران ريلي دوران ميڊيا سان مبينا بدسلوڪي جي سخت مذمت ڪندي کانئس معافي جو مطالبو ڪيو آهي.
ڪي يو جي جي صدر اعجاز احمد، جنرل سيڪريٽري لبنيٰ جرار نقوي ۽ ٻين عهديدارن گڏيل بيان ۾ چيو ته 24 جولاءِ تي آفاق احمد جي درخواست تي ميڊيا ريلي جي ڪوريج لاءِ پهتي هئي، پر صحافين ۽ ڪيمرامين سان اختيار ڪيل رويو ناقابلِ قبول ۽ افسوسناڪ هو.

بيان ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن آفاق احمد جو موقف آهي ته ميڊيا مالڪ ريلي جي ڪوريج نشر نٿا ڪن ۽ رڳو فوٽيج ايجنسين کي ڏين ٿا، ته پوءِ سندن اطلاعاتي شعبي پاران ميڊيا کي ڪوريج جي دعوت ڏيڻ جو ڪو جواز ناهي.
ڪي يو جي مطالبو ڪيو ته آفاق احمد پنهنجي رويي تي معافي وٺي ۽ مستقبل ۾ ميڊيا سان احترام وارو رويو اختيار ڪري. بيان ۾ ميڊيا مالڪن کي پڻ اپيل ڪئي وئي ته اهڙن سنگين الزامن کانپوءِ اهڙن پروگرامن جي ڪوريج لاءِ پنهنجا نمائندا نه موڪلين.

Share This Article
Leave a Comment