ملير پاسپورٽ آفيس ۾ ڪرپشن جو نيٽ ورڪ وائکو، ايف آءِ اي هٿان 7 ڄڻا گرفتار

2 Min Read

ملير: (شاهد ڇڄڙو) وفاقي جاچ اداري ريجنل پاسپورٽ آفيس ملير ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي ڪرپشن، رشوت خوري ۽ غيرقانوني پاسپورٽ پروسيسنگ ۾ ملوث 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، انساني اسمگلنگ روڪٿام سرڪل ڪراچي ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي منظم ڪرپشن نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو.

گرفتار ٿيلن ۾ پاسپورٽ آفيس جو ڊيٽا انٽري آپريٽر نويد علي، ايل ڊي سي ۽ فوٽوگرافر محمد عاطف، سيڪيورٽي گارڊ ظفر علي، ايجنٽ شيخ مقصود علي ۽ ٽي شهري محمد عامر، محمد عتيق ۽ سيد مختيار علي شامل آهن.

جاچ موجب جوابدار شهرين کان 4 هزار کان 5 هزار رپيا رشوت وٺي سرڪاري ضابطن ۽ ميرٽ کي نظرانداز ڪندي پاسپورٽ ۽ ٻين اميگريشن سهولتن ۾ غيرقانوني سهولت فراهم ڪندا هئا. ترجمان موجب سيڪيورٽي گارڊ رشوت جي رقم ايجنٽن کان وٺي لاڳاپيل عملي تائين پهچائيندو هو.

ايف آءِ اي موجب جوابدارن خلاف ڪرپشن بابت لاڳو قانونن تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نيٽ ورڪ ۾ شامل ٻين سهولتڪارن ۽ ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي، وڌيڪ گرفتاريون به متوقع آهن.

ترجمان چيو ته سرڪاري ادارن ۾ رشوت، ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ شهرين جي استحصال ۾ ملوث ڪنهن به شخص سان رعايت نه ڪئي ويندي ۽ سڀني ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment