ٻٻرلوءِ ڌرڻي مان گم ٿيل سجاد شر جي بازيابي لاءِ اڪري چودڳي ۾ احتجاجي ريلي

2 Min Read

خيرپور: (شڪيل جانوري) ٻٻرلوءِ ڌرڻي مان پراسرار نموني لاپته ٿيل سماجي ڪارڪن ۽ صحافي سجاد شر جي بازيابي لاءِ اڪري چودڳي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

سجاد شر جي گهرڀاتين، سول سوسائٽي ۽ اڪري جي شر برادري پاران مرڪزي چوڪ کان پريس ڪلب اڪري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن بعد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج جي اڳواڻي سجاد شر جي ڀاءُ شهزاد شر، خير محمد شر، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ مظفر شر، آفتاب شر ۽ ٻين ڪئي.

مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي سجاد شر جي فوري بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سجاد شر ٻٻرلوءِ ڌرڻي دوران پراسرار نموني لاپته ٿيو، جنهن کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود سندس ڪا به خبر ناهي ملي سگهي.

هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سجاد شر کي جلد بازياب ڪرائي وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

مقررین چيو ته سجاد شر محب وطن پاڪستاني، سماجي ڪارڪن ۽ صحافي آهي، سندس گمشدگي انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هنن چيو ته سندس ننڍڙا ٻار، ماءُ ۽ پوڙهو پيءُ سخت اذيت ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته هڪ هفتو گذرڻ باوجود انتظاميا طرفان ڪا به واضح ڄاڻ نه ڏيڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيو آهي.

ٻئي پاسي سجاد شر جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي خيرپور جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ايس ايس پي خيرپور جواب جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان 2 ڏينهن جي مهلت گهري. عدالت ٻڌڻي 2 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Share This Article
Leave a Comment