سيوهڻ ۾ چئن مهينن کان گئس بند، شهرين جو احتجاج، گئس آفيس اڳيان ڌرڻو

2 Min Read

سيوهڻ: (رپورٽر) شهر ۾ گذريل چئن مهينن کان گئس جي فراهمي مڪمل طور بند هجڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري گئس آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن ايس ڊي او گئس خلاف نعريبازي ڪندي فوري طور گئس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

شهرين جو چوڻ هو ته چئن مهينن کان گئس بند هجڻ سبب گهرن ۾ کاڌو پچائڻ سميت روزاني معاملن ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته گئس نه ملڻ باوجود کين هر مهيني ڳرا بل ادا ڪرڻا پئجي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ٻن ڏينهن کانپوءِ اسڪول به کلي رهيا آهن، گئس نه هجڻ سبب والدين لاءِ ٻارن جو ناشتو تيار ڪرڻ به وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور گئس جي فراهمي بحال ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.

ٻئي طرف ايس ڊي او گئس سهيل مگسي جو چوڻ آهي ته سيوهڻ ۾ جاري بيوٽيفڪيشن جي ڪم دوران ٺيڪيدار جي لاپرواهي سبب گئس جون لائينون ٽٽي پيون، جنهن ڪري گئس جي فراهمي معطل ٿي وئي.

صحافين جي سوال تي ايس ڊي او ٻڌايو ته ٺيڪيدار جي لاپرواهي بابت هن وقت تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته معاملي بابت اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي.

شهرين مطالبو ڪيو آهي ته گئس لائينن جي مرمت جو ڪم جلد مڪمل ڪري شهر ۾ گئس جي فراهمي بحال ڪئي وڃي، جيئن عوام ۽ خاص طور اسڪول ويندڙ ٻار وڌيڪ تڪليفن کان بچي سگهن.

Share This Article
Leave a Comment