پاڪستان پاران 16 هزار افغان مهاجرن جي رهائشي واري مدي ۾ واڌ جو فيصلو

1 Min Read

 اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته قانوني ويزا يا سفري دستاويز رکندڙ ڪنهن به افغان شهري کي پاڪستان مان بي دخل نه ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته آءِ ايف آر پي  تحت لڳ ڀڳ 89 هزار افغان شهرين جي ڪيسن تي ڪارروائي جاري آهي.

طاهر اندرابي وڌيڪ چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي لڳ ڀڳ 16 هزار عورتن، ٻارن ۽ بزرگ افغان شهرين جي پاڪستان ۾ رهائش جي مدي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي.

چترال ڀرسان سرحدي علائقن ۾ پيش آيل واقعي بابت ڳالهائيندي ترجمان پرڏيهي آفيس چيو ته ان حوالي سان هن وقت تائين ڪا به تصديق ٿيل ڄاڻ موجود ناهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان مان ايندڙ اطلاعن جي زميني سطح تي تصديق ضروري آهي، تنهن ڪري غير تصديق ٿيل رپورٽن تي تبصرو ڪرڻ مناسب نه هوندو.

Share This Article
Leave a Comment