ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي ايف سي ايريا، شهيد چوڪ ڀرسان فائرنگ جي واقعي ۾ 3 ورهين جي نينگري فروه فوت ٿي وئي.
تفصيل موجب، نينگري پنهنجي والد سان گڏ موٽرسائيڪل تي سوار هئي، جڏهن فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب هوءَ حياتي وڃائي ويٺي.واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي ثبوت گڏ ڪيا، جڏهن ته لاش قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ترجمان موجب، شريف آباد ٿاڻي جي حدن ۾ رئيس امروهوي ڪالوني جي ڪچي آبادي مان نينگري جي فوت ٿيڻ جي اطلاع اسپتال ذريعي ملي، جڏهن ته وارثن پوليس کي سڌي ريت اطلاع نه ڏنو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته وارثن پوليس کي واقعي واري هنڌ جي به نشاندهي نه ڪرائي. پوليس موجب، واقعي واري هنڌ تان نه ڪو پسٽل جو خول مليو ۽ نه ئي رت جا نشان مليا.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نينگري جا والدين شروعاتي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرائڻ کانسواءِ لاش کڻي روانا ٿي ويا، بعد ۾ لاش کي اسپتال جي سرد خاني ۾ منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، فوت ٿيل نينگري جي وارثن جي بيانن ۾ به تضاد موجود آهي، تنهن ڪري واقعي جي سڀني رخن کان جاچ جاري آهي، ۽ حقيقتون سامهون اچڻ کان پوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.


